ڪائنات جو خال
دنيا جي سڀ کان پهرئين ڪتاب جنهن ۾ اسان کي خدا تعاليٰ جي شخصيت، قدرت ۽ ڪمن جي باري ۾ معلومات ملي ٿي اهو”توريت شريف“ آهي. هي مقدس صحيفا رب پاڪ حضرت موسيٰ ڪليم الله جي معرفت اسان تائين پهچايا، جيڪو انهن الاهي الهام سان 1300 ق. م ۾ تحرير فرمايو.
توريت شريف پنج ڪتابن (پارن) تي مشتمل آهي. انهن مان پهرئين ڪتاب جو نالو پيدائش آهي، انهي لاءِ ته هن ۾ ڪائنات ۽ ٻين شين جي تخليق جو ذڪر پڻ ملي ٿو. هن مقدس ڪتاب جي شروعات هن طرح سان ٿئي ٿي ته
” شروعات ۾ خدا زمين ۽ آسمان کي پيدا ڪيو. “(پيدائش1:1).
اهڙي طرح اڳين آيتن ۾ دنيا جي تخليق جو احوال مختصرطور بيان ڪيو ويوآهي. توريت شريف جي هن بيان جي مطابق ڌڻي تعاليٰ هن دنيا کي ڇهن ڏينهن ۾ خلق ڪيو. پهرئين ڏينهن ڌڻي تعاليٰ جي حڪم سان روشني وجود ۾ آئي. جيئن پاڪ ڪلام ۾ آهي:
” تڏھن خدا حڪم ڏنو ته ”روشني ٿئي.“ سو روشني ٿي پيئي. “(پيدائش1: 3).
اهڙي طرح ٻي ڏينهن ڌڻي تعاليٰ جي حڪم سان فضا وجود ۾ آئي. ٽئين ڏينهن زمين خلق ٿي. چوٿين ڏينهن سڄ، چنڊ ۽ تارا وجود ۾ آيا. پنجين ڏينهن پکي ۽ پاڻي جا جانور پيدا ٿيا. ڇهين ڏينهن زمين جا جاندار وجود ۾آيا. ستين ڏينهن ڌڻي تعاليٰ تخليق جي سڄي ڪم کان فارغ ٿيو ۽ انهي ڏينهن کي پاڪ ٺهرايو.
هتي هي ڳالھ به غور طلب آهي ته دنيا جي سڄي تخليق ڌڻي تعاليٰ جي ڪلام (ڪلمي) سان عمل ۾ آئي.
هن حوالي سان توريت شريف ۾ ائين لکيل آهي:
” تڏھن خدا حڪم ڏنو ته ”روشني ٿئي.“ سو روشني ٿي پيئي.“(پيدائش 3:1)
اهڙي طرح باقي شين جي باري ۾ به ڌڻي تعاليٰ جيڪو جيڪو حڪم ڏنو اهو عمل ۾ ايندو ويو. زبور شريف ۾ لکيل آهي ”خداوند جي حڪم سان سمورا آسمان بڻجي ويا. ھن جي امر سان آسمانن جي ساري خلقت پيدا ٿي ويئي.“ (زبور33: 6)
توريت، زبور۽ نبين جي صحيفن مان خدا تعاليٰ جي باري ۾سڀ کان پهرين شاهدي اسان کي هي ملي ٿي ته پاڻ هن ڪائنات جا خالق آهن.
سوالنامو سبق نمبر 1-1
1 سوال |
پنج ڏينهن | |
ڇهه ڏينهن | |
ڏهه ڏينهن |
2 سوال |
جنن جي حڪم سان | |
ملائڪن جي حڪم سان | |
خدا تعاليٰ جي حڪم سان |
قادرمطلق خدا
هي حقيقت نهايت ئي تعريف جوڳي آهي ته ڪائنات جون سڀ شيون خدا تعاليٰ جي ڪلام سان وجود ۾ آيون. جڏهن اسين هن ڳالھ تي غورڪريون ٿا ته پوري ڪائنات خدا تعاليٰ جي ڪلام سان وجود ۾ آئي ته پوءِ اسين ڌڻي تعاليٰ جي ڪلام جي قدرت ۽ جلوي جي تعريف ڪرڻ بغير رهي نٿا سگهون. ڌڻي تعاليٰ جي حڪم سان شين جو عدم سان وجود ۾ اچڻ هن حقيقت جو اظهار آهي ته ڌڻي تعاليٰ قدرت وارو آهي. ياد رکوته قادرمطلق مان مراد اهڙي هستي آهي جنهن کي هر ڪم تي قدرت حاصل هجي.
توريت شريف ۾ خدا تعاليٰ خود فرمائي ٿو:
” آءٌ قادرِمطلق خدا آھيان.“(پيدائش35 : 11).
زبورشريف ۾ لکيل آهي: ” اي خداوند! تون ئي بادشاهه آھين، تو کي حشمت ۽ قدرت جو لبادو پھريل آھي.ھن جھان کي تو اھڙو مضبوطيءَ سان قائم ڪيو آھي، جو ان کي ڪو لوڏو به اچي نه ٿو سگھي.“(زبور93 :1).
اهڙي طرح زبورشريف ۾ ڌڻي تعاليٰ جي قدرت جي منظر ڪشي هن ريت ڪئي وئي آهي: ” ھو جڏھن ڌرتيءَ ڏانھن نھاري ٿو ته اھا ڏڪيو ٿي وڃي. ھو جڏھن جبلن کي ڇُھي ٿو ته انھن مان به دونھون ٿو نڪري.“(زبور104: 32)
قادر مطلق خدا
قادرمطلق خدا 2-1
1 سوال |
اهو پورو ڪونه ٿيو | |
اهو اڌورو رهجي ويو | |
اهو انهي وقت مڪمل ٿيو |
وحده لاشريڪ خدا
هيئنر تائين اسين هي سکي چڪا آهيون ته هن ڪائنات جو خالق ڌڻي تعاليٰ آهي، جنهن پنهنجي ڪلام سان سب ڪجھ خلق ڪيو. اسين ائين چئي سگھون ٿا ته حقيقت ۾ هي ڪائنات ڌڻي تعاليٰ جي قدرت جو اظهار آهي انهي لاءِ ته سڀ ڪجھ ڌڻي تعاليٰ جي ڪلام جي وسيلي سان وجود ۾ آيو.
هاڻي اسين هي اهم ڳالھ سکڻ وارا آهيون ته ڌڻي تعاليٰ وحده لاشريڪ آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه خدا ڪونهي.
هن حوالي سان حضرت يسعياه نبي جي معرفت ڌڻي تعاليٰ فرمائي ٿو ته: ” اي بني اسرائيل وارو! آءٌ اوھان جو خداوند ۽ بچائيندڙ آھيان. مون ئي اوھان کي خلقيو آھي، بلڪ ھر شيءِ جو خالق آءٌ خداوند ئي آھيان. آءٌ اڪيلو ئي آسمانن کي پکيڙڻ وارو ۽ ڌرتيءَ کي وڇائڻ وارو آھيان. “(يسعياه 44: 24).
اهڙي طرح اسين توريت شريف جي پنجين ڪتاب شريعت جو دور ۾ ڌڻي تعاليٰ جو هڪ حڪم جيڪو هن بني اسرائيل کي حضرت موسيٰ جي وسيلي ڏنوهو، هن تي به غور ڪري سگھون ٿا.
حضرت موسيٰ بني اسرائيل سان مخاطب ٿين ٿا:
” اي بني اسرائيل! ياد رکو، خداوند اسان جو خدا ھڪڙو ئي خداوند آھي. سو اوھين خداوند پنھنجي خدا کي پنھنجي ساريءَ دل، پنھنجي سڄيءَ جان ۽ پنھنجي پوري طاقت سان پيار ڪريو.“ (شريعت جو دور 6: 5.4).
ڇالاء جوڌڻي تعاليٰ وحده لاشريڪ آهي انهي لاءِ هن جوسڀني ماڻهن کان هڪڙي ئي تمنا آهي ته هن جي مقابلي ۾ ڪنهن کي نه ته خدا مڃين ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي جي عبادت ۽ حمدوثناء ڪن. توريت شريف جي ٻي ڪتاب خروج ۾ ڌڻي تعاليٰ بني اسرائيل کي هن حوالي سان فرمائي ٿو:
” آءٌ خداوند اوھان جو خدا آھيان، جنھن اوھان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاھر آندو، جتي اوھين غلام ھئا. مون کان سواءِ اوھان جي لاءِ ٻيو ڪوبه معبود نه ھجي. اوھين پنھنجي لاءِ ڪابه تراشيل مورت يا ڪنھن به شيءِ جي صورت نه جوڙيو، جيڪا آسمان ۾، زمين تي يا زمين جي ھيٺان پاڻيءَ ۾ آھي. اوھين انھن جي پوڄا نه ڪريو، نڪي جھڪي انھن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوھان جو خدا، غيرت وارو خدا آھيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آھن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙھيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آھيان.“ (خروج20: 2-5)
وري خروج 20: 23 ۾ وڌيڪ فرمايو:
” اوھين پنھنجي لاءِ سون يا چانديءَ جا معبود ٺاھي، انھن کي مون سان گڏ شريڪ نه ڪريو.“
وحدهُ لا شريڪ خدا 3-1
1 سوال |
خدا تعاليٰ جو ڪو وجود نه آهي | |
ڪائنات جو مالڪ اڪيلو خدا آهي | |
هن دنيا ۾ ڪيترائي خدا آهن |
خدا تعاليٰ هڪ پاڪ ذات آهي
هڪ دفعي حضرت موسيٰ سينا جبل تي رڍون ۽ ٻڪريون چاريندي هڪ عجيب نظارو ڏٺوته هڪ ٻوڙي ۾ باهه ٻري پئي. پاڻ اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته ٻوڙو سڙي رک ڇونه ٿو ٿئي. پاڻ هي نظارو ڏسڻ لاءِ ٻوڙي جي ويجهو آيو ته هڪ آواز آيو ته ” ”اي موسيٰ! اي موسيٰ!“ موسيٰ وراڻيو ته ”اِجھو، آءٌ حاضر آھيان. خدا چيس ته ”وڌيڪ ويجھو نه اچ. پنھنجي پيرن مان جتي لاهه، ڇالاءِ جو جنھن جاءِ تي تون بيٺو آھين سا پاڪ زمين آھي. “ (خروج 3: 4-5).
اهڙي طرح هڪ ٻئي موقعي تي رب پاڪ حضرت موسيٰ کي فرمايو: ”بني اسرائيل جي ساريءَ قوم لاءِ ھي حڪم ڏنو ته ”اوھين پاڪ ٿيو، ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوھان جو خدا پاڪ آھيان.“ (لاوي سرشتو 19: 2).
وري ڌڻي تعاليٰ وڌيڪ فرمائي ٿو: ” اوھين منھنجي لاءِ پاڪ ٿيو، ڇالاءِ جو آءٌ خداوند پاڪ آھيان. مون اوھان کي ٻين قومن مان چونڊي ڌار ڪيو آھي، انھيءَ لاءِ ته اوھين منھنجا ٿيو.“ (لاوي سرشتو 20: 26).
وري حضرت حبقوق نبي ڌڻي تعاليٰ سان مخاطب ٿي ڪري فرمائي ٿو:
”پر تنھنجون اکيون اھڙيون ته پاڪ آھن جو بڇڙائيءَ کي ڏسڻ نه ٿيون چاھين.“ (حبقوق 1: 13)
خدا تعاليٰ هڪ پاڪ ذات آهي 4-1
1 سوال |
رب تعالي انسانن کان نفرت ڪري ٿو | |
رب تعاليٰ خوفناڪ آهي. | |
رب تعاليٰ نهايت پاڪ هستي آهي
|
رحيم ۽ ڪريم خدا
زبور شريف ۾ لکيل آهي:
” خداوند رحيم ۽ ڪريم آھي، ھو ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ ٻاجهه سان ڀرپور آھي. ھو قوم کي سدائين ڇينڀيندو ڪين رھندو، نڪي وري ھو پنھنجي غصي کي ھميشه لاءِ جاري رکندو. ھو اسان جي ڪيل گناھن موجب اسان سان ھلت نه ٿو ڪري، نڪي وري اسان جي بڇڙاين مطابق اسان کي بدلو ڏئي ٿو. ڇالاءِ جو جيترو آسمان زمين کان مٿي آھي، اوتري ئي انھن تي خداوند جي رحمت جھجھي آھي، جيڪي سندس خوف رکن ٿا. جيترو اڀرندو الھندي کان پري آھي، اوترو ئي ھو اسان جا گناهه اسان کان پري ڪري ٿو.“(زبور103: 8-12).
رحيم ۽ ڪريم خدا 5-1
1 سوال |
جهڙي طرح هڪ ظالم بادشاهه پنهنجي عوام سان ڪري ٿو. | |
جهڙي طرح هڪ پيار ڪندڙ پيءَ پنهنجي پٽ سان ڪري ٿو. | |
جهڙي طرح مغرور مالڪ پنهنجي نوڪر سان ڪري ٿو. |
پالڻهار
”تون ئي جبلن منجهه چشما جاري ڪرين ٿو. “
” تون ڍڳن لاءِ گاهه اُپائين ٿو ۽ انسانن لاءِ اناج، تان ته انسان زمين مان پنھنجي خوراڪ حاصل ڪن.“
”پوري مخلوق کي تنھنجو ئي آسرو آھي، جو تون سندن ضرورت وقت کين کاڌو ڏئين ٿو. تون سندن لاءِ جيڪي مقرر ڪرين ٿو، سو ھو حاصل ڪن ٿا. ھائو، جڏھن تون پنھنجي مُٺ کي کولين ٿو، تڏھن اھي چڱين شين سان ڍءُ ڪن ٿا. پر جڏھن تون کانئن منھن موڙين ٿو، تڏھن اھي پريشان ٿي وڃن ٿا. جڏھن انھن جو ساهه ڪڍين ٿو، تڏھن اھي مري وڃي مٽيءَ ۾ ٿا ملن.“ (زبور104: 10، 14، 27-29)
پالڻهار 6-1
1 سوال |
رب تعاليٰ | |
فرشتا | |
شيطان |
2 سوال |
صرف پاڪ جانورن جو | |
صرف ايماندارن جو | |
پاڪ ۽ ناپاڪ سڀني جاندارن جو |
ڪائنات جو محافظ
ڌڻي تعاليٰ جتي بغير ڪنهن فرق جي سڀني کي رزق ڏي ٿو. هرانسان جي زندگي جي حدن جي مطابق چاهي هو نيڪ هجي يا بد، سنڀالي ۽ محفوظ رکي ٿو.
حضرت دائود نبي فرمائي ٿو: ”….. اي خداوند! ماڻھن توڙي جانورن کي تون ئي ٿو سنڀالين. اي خدا! تنھنجي دائمي شفقت ڪيڏي نه بيش بھا آھي! بني آدم تنھنجي پرن جي پاڇي ھيٺ پناهه وٺن ٿا. “(زبور36: 6-7).
پوءِ زبور جو راوي ايستائين چوي ٿو ته ڌڻي تعاليٰ جي حفاظت کان سواءِ ڪنهن ٻي تي يقين ڪرڻ اجايو آهي.
زبور127 :1جي مطابق پاڻ فرمائي ٿو ” جيڪڏھن خداوند شھر جي سنڀال نه ڪري، ته پوءِ چوڪيدار جو جاڳڻ به بلڪل اجايو آھي.“
پوءِ پاڻ وڌيڪ فرمائي ٿوته ” آءٌ پنھنجيون اکيون کڻي جبلن ڏانھن نھاريان ٿو، ھائو، آءٌ واجھايان ٿو ته منھنجي مدد الائي ڪٿان ايندي؟ بيشڪ منھنجي مدد خداوند کان ايندي، جنھن آسمان ۽ زمين کي جوڙيو آھي. ڪاھن ھيئن ٿو چوي ته خداوند تنھنجو اھڙو محافظ آھي، جنھن کي ننڊ جو جھوٽو به ناھي ايندو. اھو تنھنجي پيرن کي ترڪڻ نه ڏيندو. ھائو، اسان بني اسرائيل جي محافظ کي ننڊ ته ڇڏيو پر ننڊ جو جھوٽو به ناھي ايندو. بيشڪ خداوند تنھنجي حفاظت ڪندو. ھو تو مٿان پوريءَ طرح پنھنجي ڇانوَ ڪندو. نه ڏينھن جي وقت سج ۽ نه وري رات جي وقت چنڊ تو کي ڪو ايذاءُ رسائيندا. خداوند تو کي ھر بلا کان محفوظ رکندو، ھائو، ھو تنھنجيءَ جان جي حفاظت ڪندو. خداوند ھر ڪم ۾ ۽ ھر ھنڌ تنھنجي حفاظت ڪندو. ھائو، ھو ھينئر کان ھميشه ھميشه تائين تنھنجي حفاظت ڪندو.“ (زبور 121 : 2-8)
ڪائنات جو محافظ 7-1
1 سوال |
صرف بني اسرائيل جي | |
هر انسان ۽ حيوان جي | |
صرف مسيحين جي |
رب العالمين
هن زبور۾ جتي اسين هي سکون ٿاته ڌڻي تعاليٰ پروردگار آهي اتي هي ڳالھ به نظراچي ٿي ته پاڻ ڪنهن خاص ٽولي ۽ قوم جو ئي رب ڪونهي بلڪه هر انسان ۽ جاندارجوپالڻهارآهي. انهي لاءِ زبور جو راوي ڌڻي تعاليٰ سان مخاطب ٿي ڪري فرمائي ٿو: ” ساري جھان جون اکيون تو ڏانھن ئي واجھائين ٿيون، تون ئي انھن کي پوري وقت تي کاڌو عطا ڪرين ٿو. تون سخاوت سان پنھنجي مٺ انھن تي کولين ٿو، ۽ ھر جاندار جي خواھش پوري ڪرين ٿو. “(زبور145: 15-16)
اهڙي طرح زبور جو راوي وڌيڪ فرمائي ٿو:
” دنيا جي ھڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، شال خداوند جي نالي کي ساراھيو وڃي! خداوند سڀني قومن جو حاڪمِ اعليٰ آھي، انھيءَ جي عظمت آسمانن کان به مٿاھين آھي. خداوند اسان جي خدا جھڙو ڪو ٻيو آھي ڇا، جيڪو عرش عظيم تي تخت نشين آھي؟ انھيءَ ھوندي به ھو اتان نوِڙي ھيٺ آسمان ۽ زمين تي پنھنجي ڪرم جي نظر ڪري ٿو. ھو مسڪينن ۽ محتاجن کي مٽيءَ ۽ ڪچري جي ڍير تان کڻي بلنديءَ تي پھچائي ٿو.“(زبور113: 3-7)
اهڙي طرح نبين جي پاڪ صحيفن ۾ مختلف جاين تي ڌڻي تعاليٰ کي ”رب العالمين“چئي مخاطب ڪيوويوآهي. (ڏسوميڪاه13:4،زڪرياه14:4، 5:6)
سکڻ جي ڳالھ
هتي اسين سکون ٿا ته ڌڻي تعاليٰ نهايت ڪامل ۽ پاڪ ذات هئڻ جي باوجود هر انسان سان بغير ڪنهن مذهبي ۽ نسلي فرق جي پيارڪري ٿو ۽ هرنيڪ ۽ بد جي پروردگاري ۽ حفاظت ڪري ٿو.
ايتري قدر جو ناپاڪ جانورن جي هر ضرورت کي پورو ڪري ٿو، جنهن سان هي ثابت ٿئي ٿو ته پاڻ ڪنهن خاص قوم ۽ مذهب جوخدا ڪونهي بلڪه رب العالمين آهي. جيتوڻيڪ لازمي آهي ته اسين به ڌڻي تعاليٰ وانگر هر هڪ سان بغير ڪنهن فرق جي پيارڪريون ۽ تسليم ڪريون ته هرانسان کي جيئڻ جو حق آهي.
رب العالمين 8-1
1 سوال |
دشمني رکون | |
نفرت ڪريون | |
پيار ڪريون |
پاڪستان بائيبل خط و ڪتابت اسڪول گذريل 50 سالن کان پاڪ ڪلام سيکارڻ لاءِ ڪم پاڪستان بائيبل خط و ڪتابت اسڪولڪري رهيو آهي.
شاگرد هي ڪورس پوسٽ آفيس جي ڊاڪ ذريعي ڪن ٿا. ڪجهه سبقن وارو ڪتابچو مڪمل ڪري واپس اسان کي موڪلين ٿا اهو ڏسي انهن جون مارڪون نوٽ ڪري نوان سبق روانا ڪيا وڃن ٿا. پورو ڪورس مڪمل ڪرڻ تي شاگرد کي سرٽيفڪيٽ ۽ انعامي ڪتاب ڏنا ويندا آهن.
اهي ڪورس مفت ۾ ڪرايا وڃن ٿا.
شروعاتي ڪورسن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ بائيبل مقدس جي ضرورت ڪو نه پوندي آهي ڇو ته جواب انهن ڪتابچن جي آخر ۾ موجود هوندا آهن.
پهرئين ڪورس سان گڏ انجيل شريف تحفي طور مفت موڪلينداسين. پهرئين ڪورس مڪمل ڪرڻ تي عيسيٰ مسيح جي زندگي تي ٺهيل وڊيو پڻ موڪلي ويندي.
توريت، زبور ۽ انجيل شريف جا ڪورس شروع ڪرڻ لاءِ پنهنجو مڪمل پتو ۽ موبائل نمبر ڏيو.
معلومات ڏيو، سوال پڇو ۽ صلاح ڏيو.